دوست علي جيسر

دوست علي جيسر

دوست علي جيسر

دوست علي جيسر: اديب، صحافي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر رهنما دوست علي ولد نور محمد جيسر، 15 آگسٽ 1956ع تي سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ لليا پتڻ، تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس والد سنڌ جو مشهور صحافي ۽ روزاني اخبار ’هلال پاڪستان‘ جـو اسپيشل رپورٽر رهيو. دوسـت علي جيـسر پرائمري تعليم 1961ع کان 1967ع تائين اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. تنهن کان پوءِ سيڪنڊري تعليم 1967ع کان 1972ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري ۽ انٽر 1974ع ۾ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪئي. گرئجوئيشن سال 1976ع ۾ ڪيائين ۽ ايم. اي (اڪنامڪس)، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1978ع ۾ پاس ڪري، ايل. ايل. بي 1981ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين.
دوست علي جيسر 1974ع کان صحافت جي شروعات ڪئي. ان وقت روزاني ’هلال پاڪستاندادو جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر ٿيو. مختلف موضوعن تي ڪالم ۽ مضمون لکيائين. خاص ڪري سماجي ۽ سياسي موضوعن تي هن ڪافي لکيو آهي. ان کان سواءِ ٻن هفتيوار اخبارن ’محافظ سنڌ‘ ۽ ’دادو گزيٽ‘ جو ايڊيٽر به رهيو آهي.
دوست علي جيسر وڪالت جي شروعات 1982ع کان ڪئي ۽ 1988ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار جو ميمبر ٿيو.
دوست علي جيسر 1976کان پيپلز پارٽيءَ سان وابسته رهيو آهي، ان ڏس ۾ دادو شهر جو صدر، ضلعي دادوءَ جو اطلاعات سيڪريٽري، سينيئر نائب صدر ۽ 2002ع کان جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. هن 1998ع ۾ حيدرآباد ريليءَ دوران محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي پنهنجي گلستان سجاد واري گهر تي ميزباني به ڪئي هئي، جتي محترمه بينظير ڀُٽو، پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي به ڪئي. دوست علي جيسر دادو ضلعي مان ٽي. بي جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ضلعي ٽي. بي ائسوسيئيشن جي پليٽفارم تان 21 سال مسلسل ڪوشان رهي، ٽي. بي اسپتال قائم ڪرائي ۽ مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون. هن تنظيم جو دادوءَ لاءِ لاڳيتو 15 سال صدر رهيو. دوست علي جيسر ان کان سواءِ ٻين ڪيترين سياسي ۽ سماجي تنظيمن جو فعال ڪارڪن به رهيو آهي. هي سنڌ حلال احمر جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ڇهه سال ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ دادو پريس ڪلب جو چار ڀيرا صدر ۽ ٽي ڀيرا جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.


لفظ دوست علي جيسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.08.15  عيسوي

اديب، صحافي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر رهنما دوست علي ولد نور محمد جيسر، 15 آگسٽ 1956ع تي سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ لليا پتڻ، تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز حسين مهر
اقبال حامد
زيب النساءَ حميدالله
شيخ عزيز
اسد ڀٽي
طارق عزيز شيخ
ڏيپلائي محمد عثمان
شهاب الدين چشتي
زاهد ملڪ
علاؤ الدين نيازي شيخ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون